65

باجوڙ: ڌماڪي جا وڌيڪ 3 زخمي فوت، فوتين جو انگ وڌي 46 ٿي ويو

باجوڙ ۾ آپگهاتي ڌماڪي جا وڌيڪ 3 زخمي فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 46 ٿي ويو آهي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڌماڪي جي وڌيڪ 3 زخمين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڌماڪي ۾ 90 کان ڌيڪ زخمي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. 38 لاشن جي سڃاڻپ کان پوءِ وارث پاڻ سان گڏ کڻي ويا. جڏهن ته 8 لاش سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب اسپتال ۾ رکيل آهن ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان موجب ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ باجوڙ ڌماڪي جا 16 زخمي علاج هيٺ آهن جن مان ڪيترن جي حالت تسلي بخش آهي جڏهن ته هڪ زخمي آءِ سي يو ۾ داخل آهي ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر نذير خان ٻڌايو آهي ته باجوڙ ڌماڪي جي وڌيڪ 3 شڪين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ڪي پي ڪي جي آءِ جي اختر حيات خان چيو آهي ته ورڪر ڪنوينشن ۾ آپگهاتي ڌماڪي واري جڳهه تان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن جيڪي ڊي اين اي لاءِ اماڻي ڇڏيون آهن. واقعي واري هنڌ جيوفينسنگ به ڪئي وئي آهي. اميد آهي ته جلد جاچ ۾ اڳڀرائي ٿيندي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو