59

اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ سائفر جي اهم ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران سائفر انڪوائري ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جا اعتراض ختم ڪرڻ جي استدعا تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سائفر انڪوائري ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس عامر فاروق اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي ڪئي فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي(ايف آءِ اي) سائفر انڪوائري ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي اڄ طلب ڪري رکيو آهي عمران خان جي وڪيل لطيف کوسه چيو ته اسان جي درخواست تي 2 اعتراض لڳايا ويا آهن. مرڪزي اعتراض آهي ته ساڳئي درخواست اڳ داخل ٿي چڪي آهي. حالانڪه اسان جي اها درخواست ڌار نوعيت جي هئي. ان تي اعتراض نٿو بڻجي. هن چيو ته ايف آءِ اي طلب ڪيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پيش ٿي ويو. سائفر جو معاملو اٿاري ئي نٿو سگهجي. وزيراعظم کي ڇوٽ حاصل هوندي آهي. وزيراعظم ۽ ڪابينه جي فيصلن کي آرٽيڪل 240 تحت ڇوٽ حاصل آهي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق پڇيو ته ڇا هاڻ اوهان ايف آءِ اي جي انڪوائري کي چئلينج ڪري رهيا آهيو؟ جنهن تي لطيف کوسه جواب ڏنو ته جي بالڪل پي ٽي آءِ چيئرمين جنهن ڏينهن ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيو ان ڏينهن نئون نوٽيس اماڻيو ويو. عمران خان کان 3 ڪلاڪ پڇاڳاڇا ڪئي وئي. ساڳئي ڏينهن نئون نوٽيس اماڻيو ويو، ان کان وڌيڪ بدنيتي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ اهڙي ڪهڙي ڳالهه رهجي وئي هئي جيڪا بعد ۾ ياد آئي ۽ ٻيهر نوٽيس اماڻيو ويو جسٽس عامر فاروق پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اڃان ته اوهان جي درخواست اعتراضن سان ٻڌي رهيا آهيون. رڪارڊ گهرائي ڏسي ٿو وٺان پوءِ اعتراض ختم ڪرائي ڇڏيندس. لطيف کوسه چيو ته اسان جي پهرين درخواست ضمانت جي هئي ان درخواست تي اسان کي عدالت مان ريليف به نه مليو هو چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جا اعتراض ختم ڪرڻ جي استدعا تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هن چيو ته رڪارڊ ڏسي اعتراض ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندس

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو