اليڪشن ڪميشن توهين ڪميشن ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي 22 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪيسز جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن ڪئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان سندس وڪيل شعيب شاهين، فواد چوڌري طرفان وڪيل فيصل چوڌري ۽ اسد عمر ذاتي حيثيت ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيوعدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته مون کي اڃان مڪمل رڪارڊ نه ڏنو ويو آهي. هن عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ذاتي حيثيت ۾ پيشي کان ڇوٽ جي درخواست ڏيندي پنهنجي موقف ۾ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي ميڊيڪل چيڪ اپ جي لاءِ اسپتال وڃڻو آهي. هو ڪيترن ئي ڏينهن کان عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر اڪرام الله خان چيو ته اڄ ته پي ٽي آءِ چيئرمين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻي هئي. توهين عدالت ڪيس ۾ ڪيئن ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري وٺون؟ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضري لازمي آهي. وڪيل جواب ڏنو ته پي ٽي آءِ چيئرمين مٿان اڃان تائين ڏوهه ثابت نه ٿيو آهي. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 22 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ چيو ته 22 آگسٽ تي پي ٽي آءِ چيئرمين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن ايندڙ ٻڌڻي تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو هوڏانهن فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ وڪيل فيصل چوڌري ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏني. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر اڪرام الله خان چيو ته فواد چوڌري کي ته اڄ معافي نامو جمع ڪرائڻو هو. نثار دراني چيو ته اسد عمر جي وڪيل طبي بنيادن تي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي آهي. اسد عمر ٻڌايو آهي ته هن ڪيس جا قانوني رخ وڪيل بهتر ٻڌائيندا. اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر نثار دراني چيو ته اليڪشن ڪميشن هڪ سال کان اهو ڪيس هلائي رهيو آهي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر اڪرام الله خان چيو ته ڌرين طرفان اسٽي ورتا ويا. ڇوٽ جون درخواستون ڏنيون ويون. عدالت کان اسٽي واپس وٺي ڇڏيو. هڪ هفتي ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏينداسين. نثار دراني چيو ته اليڪشن ڪميشن هن ڪيس جو هڪ مهيني ۾ فيصلو ڪري سگهيو ٿي. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو ۽ انهن خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيسز جي ٻڌڻي 22 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
