69

عام چونڊن ۾ سمورن تڪن تان پنهنجا اميدوار بيهارينداسين: پرويز خٽڪ

خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسان جي پارٽي جا دروازا سڀني جي لاءِ کليل آهن. عام چونڊن ۾ سمورن تڪن تان پنهنجا اميدوار بيهارينداسين پنهنجي هڪ بيان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرين جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو ته چونڊن ۾ پي ٽي آءِ پارليامينٽريز سمورن تڪن تان اميدوار بيهاريندي هن چيو ته 19 آگسٽ تي نوشهره ۾ جلسي سان عوامي رابطه مهم جي شروعات ڪري رهيا آهيون. مانسهره، ڪوهاٽ، ڊي آءِ خان، سوات، مردان ۽ ٻين شهرن ۾ به جلسا ڪوٺايا ويندااڳوڻي وڏي وزير چيو ته تحريڪ انصاف پارليامينٽرين جو نعرو امن، ترقي ۽ خوشحالي هوندو. اسان کي رياستي ادارن سان جنگ نه پر انهن کي مضبوط ڪرڻو آهي ٻئي طرف ڪور ڪميٽي جي ميمبر شوڪت علي چيو ته پرويز خٽڪ پي ٽي آءِ پارليامينٽريز جو چيئرمين ۽ محمود خان وائيس چيئرمين هوندا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو