سينيٽر رضا رباني سينيٽ ۾ آفيشل سيڪريٽ (ترميمي) بل 2023ع جي مخالفت ڪندي مسودي جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي بل قومي اسيمبلي ۾ خاموشي سان منظور ٿيڻ کانپوءِ سينيٽ ۾ پ پ ميمبرن ۽ اپوزيشن طرفان سخت تنقيد ڪئي وئي، جنهن تحت ڳجهيون ايجنسيون ڪنهن به شهري کي قانون جي ڀڃڪڙي جي شڪ ۾ حراست ۾ وٺي سگهنديون سينيٽر رضا رباني آفيشل سيڪريٽ (ترميمي) بل 2023ع تي سخت تنقيد ڪندي ان جو مسودو ڦاڙي ڇڏيو ۽ چيو ته اهو بل ايترو سادو ناهي جيترو نظر پيو اچي، اڄ صبح ئي مان 8 ترميمون تجويز ڪيون آهن هن چيو ته مون کي پ پ ايوان ۾ قانون سازي لاءِ موڪليو، مطلب جيڪڏهن ڪو به وزير چئي بل پاس ڪيو ته اسان ائين ئي ڪنداسين اپوزيشن ميمبرن کانسواءِ بل جي پ پ، جي يو آءِ، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم ۽ ليگي سينيٽر افنان الله ڀرپور مخالفت ڪئي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ طرفان آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل 2023ع پيش ڪرڻ کانپوءِ سينيٽ ۾ سخت مخالفت سبب چيئرمين صادق سنجراڻي بل لاڳاپيل ڪميٽي کي واپس موڪلي ڇڏيو
