78

شهريار آفريدي سميت 4 پي ٽي آءِ اڳواڻن جي نظر بندي غيرقانوني قرار، آزاد ڪرڻ جو حڪم

لاهور : هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهريار آفريدي ۽ ان جي ڀاءُ فرخ آفريدي، عورت اڳواڻ ناديه حسين ۽ شاهه جهان جي نظر بندي کي غيرقانوني قرار ڏيندي چئني کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ جي جج جسٽس انوارالحق پنون درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي چيو ته عدالت ڪنهن کي غيرقانوني ۽ غيرآئيني قدم جي اجازت نه ڏيندي عدالت شهريار خان آفريدي خلاف بهاوالپور ٿاڻي ۾ ڪڻڪ چوري ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو هوڏانهن عدالت ڊي سي ۽ سي پي او جي نظر بندي بابت امن امان خراب ڪرڻ جو موقف به رد ڪري ڇڏيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو