100

ڪنڌڪوٽ : ڀرسان مڇي ٻنڍو وٽ کرڙو شاخ کي ويھ فٽ گهارو پئجي ويو۔ اطلاع باوجود آبپاشي کاتو واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهيو

ڪنڌڪوٽ: ڀرسان مڇي ٻنڍو وٽ کرڙو شاخ کي ويھ فٽ گهارو پئجي ويو۔ اطلاع باوجود آبپاشي کاتو واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهيو ۔ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهاري کي بند ڪرڻ ۾ رڌل آهن پر هن وقت تائين گهارو بند نه ٿي سگهيو آهي۔ گهاري جي تيز وهڪرن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آھي۔ ڳوٺاڻن ميڊيا کي دانھيندي چيو آهي ته آبپاشي کاتي جي نا اهلي ۽ بي ڌياني سبب کرڙو شاخ کي گهارو پيو آهي جنهن سبب اسان کي لکين روپين جو نقصان رسيو آهي۔ ڳوٺاڻن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نا اهل آبپاشي کاتي جي ايس ڊي او ۽ آبپاشي کاتي جي انجنيئر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي۔ ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو