ڳوٺ علي آباد ڄامشورو مان 11 ورهين جو نينگر ثقلين عباس پٽ ذوالفقار کوسو مبينا طور اغوا ٿي ويو ھيو. جيڪو مائيٽن جي ڳولا ڪرڻ بعد ڪجهه ڏينهن کانپوءِ حيدرآباد ھٽڙي ٿاڻي جي حد مان مليو نينگر ثقلين جو چوڻ هو ته کيس سندس چاچي قمبر علي، زاھد، اقبال عرف بالي، زين علي ۽ دلشير کوسو کيس مارڻ جي ارادي سان کڻي ويا ھئا. ٻہ ڏينھن کان پوءِ ھٽڙي ٿاڻي جي اڳيا مونکي ڇڏي ھليا ويا ان حوالي سان نينگر جي وارثن جو چوڻ هو ته واقعي واري ھنڌ ايس ايڇ او کاڻوٺ پھچي اسان کي خاطري ڪرائي ته اوھان سان انصاف ڪيو ويندو پر ايس ايڇ او جي زبان موجب ڪوبه ڪيس داخل نه ڪيو ويو آھي، پوليس جوابدارن سان ڌر بڻيل آھي. وارثن انصاف جي اپيل ڪئي آهي
