شوبز ڇڏڻ جي افواهن تي رمشا خان جو ردعمل تازو ئي هڪ انٽرويو دوران رمشا خان ميزبان جي سوال جي جواب ۾ مستقبل ۾ صف اول جي اداڪارا بڻجڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو ان انٽرويو دوران رمشا خان اهو به چيو هو ته جيڪڏهن سندس شادي ٿي وئي ته هوءَ ڊراما انڊسٽري ڇڏي ڏيندي ان انٽرويو ڪلپ جي وائرل ٿيڻ بعد رمشا خان جي شوبز ڇڏڻ جون خبرون ۽ تبصرا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيا هئا پر هاڻ رمشا خان اهڙين افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي اهرين افواهن تي ردعمل اظهار لاءِ اداڪارا طرفان انسٽاگارام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته آئون شوبز ناهيان ڇڏي رهي تنهنڪري ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي هلندڙ ڪنهن به افواهه تي يقين نه ڪيو وڃي.
