قانون واري وفاقي وزيراعظم نذير تارڙ چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي 8 ميمبرن نئين آدشماري جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 51 تحت عام چونڊون شايع ڪيل آدمشماري موجب ٿينديون نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته اڄ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو ڊگهو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيرِاعظم، چئني صوبن جي وڏن وزير، سي سي آءِ جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ ڪائونسل ۾ نئين آدشماري جي متفقه منظوري ڏني وئي هن چيو ته آئيني بحراني ڪيفيت هئي جيڪا هاڻي ختم ٿي وئي آهي، هاڻي اِهو اليڪشن ڪميشن تي آهي ته هو تڪبندين تي ڪيترو جلدي عمل ڪري ٿو، چئن مهينن اندر تڪبندين جو عمل مڪمل ڪرڻو هوندو آهي سندس چوڻ هوته سمورن صوبن جون سيٽون ساڳيون ئي رهنديون، ان ڪا به ڦيرڦار نه ٿيندي، آدمشماري جا نتيجا ائين آهن ان سان سيٽن جي ورهاست تي اثر نه پوندو، چونڊن ۾ دير تي نگران حڪومت کي ڪنهن آئيني ڪور جي ضرورت ناهي هوندي اعظم نذير تارڙ چيو ته آئين جو آرٽيڪل 254 چوي ٿو ته چونڊون اڳتي ڪري سگهجن ٿيون، نگران حڪومت جي ذميواري اليڪشن ڪرائڻ هوندي آهي، جيستائين چونڊون ناهن ٿينديون، نگران سيٽ اَپ رهندو آهي.
