پاڪستان: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف سندس رهائش گاهه زمان پارڪ لاهور ۾ احتجاج ڪندڙ 25 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي اسلام آباد جي عدالت توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان کي ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن زمان پارڪ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو جنهن تي پوليس 25 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي انکانسواءِ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج لاءِ آيل پنج پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
