71

ڏاڍي گرمي آهي خدا ڪري پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ۾ وقت گذاري سگهي: منظور وساڻ

پاڪستان: پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ منظور وساڻ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جي حوالي سان ڏٺل خواب بابت ٻڌايو آهي.
توشا خانا ڪيس ۾ اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ٽي سال قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف سيشن عدالت جو فيصلو اعليٰ عدالت ۾ چئلينج ڪيو آهي ان حوالي سان خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير جي زرعي معاملن بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته منهنجي خيال ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي چونڊ وڙهڻ جو حق ملڻ گهرجي منظور وساڻ چيو ته ڪالهه خواب ڏٺو هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي خيريت ناهي ۽ اڄ کيس سزا ملي، ڏاڍي گرمي آهي خدا ڪري پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ۾ پنهنجو وقت گذاري سگهي هن هڪ ڀيرو وري چيو ته سنڌ ۾ جي يو آءِ ۽ جي ڊي اي جو ڪو مستقبل نه .آهي، تمام جلد جي ڊي اي جا ڪجهه ماڻهو پ پ ۽ ڪجهه ن ليگ ۾ هوندا

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو