85

توشه خانه ڪيس جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي

توشه خاني ڪيس جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي. تفصيل موجب توشه خاني ڪيس ۾ سيشن ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواست ايڊووڪيٽ لاهور هاءِ ڪورٽ صائمه صفدر داخل ڪئي هئي. درخواست آئين جي آرٽيڪل 184-2 تحت داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي فيئر ٽرائل جو حق ناهي ڏنو ويو، جڏهن ته ڪيس جو فيصلو جلدبازي ۾ ڪيو ويو درخواست ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تائين عمران خان جي سزا معطل ڪئي وڃي. درخواست ۾ اها به استدعا ڪئي وئي ته توشا خاني جو فيصلو ڪالعدم ڪري ڪيس جي ٽرائل ٻيهر شروع ڪئي وڃي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان توشه خاني ڪيس ۾ سزا ملڻ بعد اٽڪ جيل ۾ قيد آهي عمران خان کي جيل ۾ ضروري شيون ڏنيون ويون. ذريعن موجب عمران خان کي 3 جوڙا شلوار قميص، ٻه پتلون، تسبيح، هيئر برش، قينچي، ٽوٿ پيسٽ، شيونگ ڪريم ۽ نيل ڪٽر ڏنا وياجڏهن ته گهرو کاتي به جيل ۾ عمران خان کي بي ڪلاس ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. گهرو کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان کي بي ڪلاس جون سموريون سهولتون ڏنيون ويون آهن. عمران خان کي جيل ۾ هفتي ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي ڪٽنب سان ملڻ جي اجازت هوندي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين پهرين رات اٽڪ جيل جي هاءِ سڪيورٽي بيرڪ ۾ گذاري، چيئرمين پي ٽي آءِ کي جيل جي دستور موجب رات جي ماني ۽ ناشتو ڏنو ويو. اڳوڻي وزيراعظم کي فجر جي نماز کانپوءِ ناشتي ۾ بريڊ سلائس، فرائيڊ ۽ ابلي انڊا، مکڻ ۽ چانهه ڏني وئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو