120

گهوٽڪي 9 آگسٽ 2023: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي

گهوٽڪي 9 آگسٽ 2023: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪجهه وقت اڳ هڪ وزيراعظم عوام سان ڪوڙو واعدو ڪندي چيو هو ته 50 لک گهرن ۽ نوڪرين جو اعلان ڪيو، هاڻي خبر ناهي ڪٿي آهي، پر آئون عوام جي وچ ۾ آهيان ۽ رهندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن رحمونوالي اسپورٽس اسٽيڊيم گهوٽڪي ۾ سنڌ پيپلز هائونسگ هائونسگ فار فلڊ افيڪٽيز پروگرام تحت گهوٽڪي ضلعي ۾ تعمير ٿيندڙ گهرن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته منهنجو خواب آهي ته سنڌ سميت ملڪ جون عورتون معاشي طور تي مضبوط ٿين ته جيئن سندن مستقبل بهتر ٿي سگهي، سنڌ جي عورتن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران سرسو تحت پيپلز پورٽي ريڊڪشن پروگرام ڏنو ويو جنهن بعد هاڻي سنڌ پيپلز هائونسگ فار فلڊ افيڪٽيز جو منصوبو ڏنو ويو آهي جنهن تحت عالمي ادارن ۽ وفاقي حڪومت جي تعاون سان سنڌ حڪومت پاران صوبي جي سمورن ضلعن ۾ شديد برساتن دوران ڊهي ويل 20 لک گهرن جي نئين سر تعمير ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته برسات متاثرن کي نه صرف گهر تعمير ڪرائي ڏئي رهيا آهيون پر کين زمين جا مالڪاڻا حق فراهم ڪرڻ لاءِ سندون به جاري ڪريون پيا. هن چيو ته اسين شهيد قائد عوام ۽ شهيد محترمه جي فلسفي تحت ڪم ڪريون پيا ته جيئن هتان جي عوام جون مشڪلاتون گهٽجي سگهن اهو ئي سبب آهي جو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام به ڏنو جنهن تحت سموري ملڪ جون مستحق عورتون فائدو حاصل ڪن پيون، عورتون معاشي طور تي مضبوط ٿينديون ته سندن ايندڙن نسلن کي به لاڀ ملي سگهندو. پ پ چيئرمين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت تي اجائي تنقيد ڪئي ويندي آهي ته گورنرس بهتر ناهي پر مان فخر سان چوان ٿو ته سنڌ خدمت ۾ سڀ کان اڳتي آهي، ڪورونا دوران سنڌ حڪومت جي قدمن جي واکاڻ ٿي، اسان جو مقصد اهڙا منصوبا ڏيڻ آهي جنهن سان انقلابي ڪم ٿين، برساتن بعد 10 مهينن جي عري دوران 20 لک گهر تعمير ڪرڻ وارو هڪ انقلابي پروگرام ڏنو آهي. هن چيو ته عام طور تي چيو وڃي ٿو ته گهوٽڪي قبيلائي ۽ سردارن جو ضلعو آهي پر آئون چوان ٿو ته گهوٽڪي عوام ۽ اوهان عورتن جو ضلعو آهي، اڄ کان پوءِ گهوٽڪي سردارن جو ناهي. ان موقعي تي پ پ چيئرمين عوام مطالبي تحت اعلان ڪندي چيو ته گهوٽڪي وارن کي آئي بي اي سميت مهراڻ يونيورسٽي جي ڪئمپس ڏني ويندي سرڪٽ هائوس گهوٽڪي کي به ڪئمپس حوالي ڪبو، معاشي مڪشلاتن باوجود عوام سان گڏجي جدوجهد ڪبي، متاثرن جا گهر تعمير ڪرائڻ منهنجو خواب هو جنهن کي عملي جامو سنڌ حڪومت پارايون جنهن تي وزيراعلي سنڌ ۽ سندس ٽين جو ٿورائتو آهيان. ان موقعي تي ايم اين ايس سردار محمد بخش خان مهر ۽ ايم اين اي مير خالد احمد خان لنڊ پڻ خطاب ڪيو. ان کام اڳ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ خطاب ڪندي ٻڌايو ته ضلعي ۾ 82 هزار 246 گهر تعمير ٿيندا جنهن ۾ گهوٽڪي تعلقي جا 20 هزار 507، ميرپور ماٿيلو جا 22 هزار 926، ڏهرڪي جا 10 هزار 508، خانڳڙه جا 13 هزار 291 ۽ اوٻاوڙو جا 15 هزار 514 گهر شامل آهن، ان سلسلي ۾ سروي مڪمل ڪري سموريون گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن. تقريب ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، عبدالباري خان پتافي، ڄام اڪرام خان ڌاريجو، سهيل انور سيال، مڪيش ڪمار چاولا سميت چيئرمين ضلعي ڪائونسل بنگل خان مهر ۽ وائيس چيئرمين مير بابر خان لنڊ شرڪت ڪئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو