بٽگرام ۾ پيش ايندڙ واقعي تي چيئر لفٽ جي مالڪ ۽ آپريٽر کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. الائي ٿاڻي جي پوليس چيئرلفٽ جي مالڪ گل زرين ۽ آپريٽر اعجاز کي گرفتار ڪيو جنهن کان پوءِ ٻنهي جي خلاف ڪوتاهي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پوليس ترجمان موجب چيئر لفٽ جي مالڪ ۽ آپريٽر کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ چيئر لفٽ ڪنٽرول روم کي به سيل ڪيو ويو آهي ڊي آءِ جي هزارا ڊويزن موجب ايف آءِ آر ۾ ڪوتاهي ڪرڻ جا 5 قلم شامل ڪيا ويا آهن جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جو سلسلو جاري آهي مقامي ذريعن موجب ضلعي انتظاميه چيئر لفٽ ڪنٽرول روم کي به تالا لڳائي ڇڏيا آهن نجي چيئر لفٽ جي مالڪ کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ پوليس جاچ جو دائرو وڌائي پڇاڳاڇا شرع ڪري ڏني آهي هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر جي حڪم تي بالا ڪوٽ جي مختلف هنڌن تي لڳايل 8 کان وڌيڪ چيئر لفٽ کي سيل ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن سان رابطو ڪاٽا ٿي ويو آهي. ڪيواڻي جي هنڌ تي ڪنهار درياءَ تي لڳايل چيئر لفٽ بند هجڻ سبب عوام خاص طور تي درياءَ پار ڪري اسڪول ڏانهن ويندڙ ٻار ۽ استاد به محدود ٿي ويا آهن. اتان جي رهواسين احتجاج ڪندي فوري طور تي چيئرلفٽ جي بحالي جو مطالبو ڪيو آهي.
91