حڪومت طرفان کنڊ مافيا خلاف ملڪ گير ڪريڪ ڊائون کانپوءِ مختلف شهرن ۾ کنڊ جي اگهن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي
مارڪيٽ ذريعن موجب، ڪوئيٽه ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت ۾ وڌيڪ 20 رپيا گهٽتائي آئي آهي، جنهن کانپوءِ هڪ ڪلو کنڊ 200 رپين وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ کنڊ 205 کان 210 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي ذريعن موجب، گذريل ڏينهن کنڊ جي في ڪلو قيمت 225 مان گهٽجي 220 رپيا ٿي هئي ضلعي انتظاميه دعويٰ ڪئي آهي ته ذخيرا اندوزي خلاف ڪارروائي کانپوءِ کنڊ جو في ڪلو اگهه 190 رپيا ٿي ويو آهي.
