76

سنڌ : جي سرڪاري اسڪولن ۾ هڪ سال کان غير حاضر استادن کي نوڪري تان هٽائڻ جو حڪم

سنڌ :جي نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر حڪم ڏنو آهي ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ جيڪي استاد هڪ سال کان غائب آهن. ڊيٽا گڏ ڪري انهن جي خلاف ڪارروائي ڪندي کين نوڪري تان هٽايو وڃي سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ اسڪول ايجوڪيشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير کي تعليم واري وزير رعنا حسين ۽ سيڪريٽري شيرين ناريجو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسڪولن ۾ استادن جي حاضري يقيني بنائڻ جي لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳايو ويو آهي نگران وڏي وزير چيو ته استادن جي صرف حاضري ڪافي نه آهي استادن کي شاگردن جي تربيت ۽ پڙهائڻ به اچڻ گهرجي. ترجمان موجب نگران وڏي وزير چيو ته اسڪولن ۾ انسپيڪشن کي بهترين بنايو وڃي جيڪي استاد هڪ سال کان غائب آهن انهن کي فارغ ڪريو. ان کان علاوه اسڪولن ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ قدمن کنيا وڃن پرائيويٽ اسڪولن ۾ به اهڙا مسئلا رپورٽ ٿي رهيا آهن انهن کي روڪيو وڃي نگران وڏي وزير چيو ته 7 ڏينهن کان پوءِ مان پاڻ سمورا معاملا چيڪ ڪندس درسي ڪتاب ورهائجي سگهيا آهن يا نه؟ نگران وڏي وزير ان سلسلي ۾ سمورن تعليمي ادارن جي گرانٽ فوري جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. ان کان علاوه اليڪشن ڪميشن طرفان سنڌ جي 25 هزار چونڊيل استادن جي مقرري روڪڻ تي سنڌ جي وڏي وزير ڳڻتي جو پڻ اظهار ڪيو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو