102

سيبس يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سال 24-2023ع جي داخلا ٽيسٽ، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اميدوارشريڪ

ڄامشورو:(پ_ر) شھيد اللھ بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري ۾ سال24-2023ع جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ اداري ۾ شروع ٿي وئي جيڪا ٽن ڏينهن تائين جاري رهندي. انٽري ٽيسٽ ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اميدوار شرڪت ڪري رهيا آهن. فائن آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڪميونيڪيشن، ٽيڪسٽائل، پراڊڪٽ، انٽيريئر ۽ فيشن ڊزائن جي شعبن ۾ داخلا لاءِ مجموعي طور 187 سيٽون مختص ٿيل آهن جن ۾ ميرٽ، سيلف فنانس، يونيورسٽي سپورٽ پروگرام ۽ پرڏيهي شامل آهن جڏهن ته 50 سيڪڙو سيٽون سنڌ ۽ 50 سيڪڙو ملڪ جي ٻين علائقن جي اميدوارن لاءِ آهن. داخلا ٽيسٽ ۾ 272 ڇوڪريون ۽ 36 ڇوڪرا اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. ٽيسٽ دوران سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو ۽ انتظامي عملدارن امتحاني بلاڪ جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو ان موقعي تي آجياڻو پيش ڪندي سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيو ته مان انٽري ٽيسٽ ڏيندڙ سمورن اميدوارن کي ڀليڪار ڪندي انتهائي خوشي محسوس ڪري رهي آهيان ته هو آرٽ، ڊزائن اينڊ هيريٽيجز جي تعليم ڏيندڙ اداري ۽ پاڪستان جي پهرين آرٽ يونيورسٽي ۾ آيا آهن. هن چيو ته آرٽسٽ بنيادي طور تخليقڪار ڪٽنب سان واسطو رکي ٿو ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي پينٽنگس، رنگن ۽ بُرش سان هڪ ڪائنات چِٽي ٿو. ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيو ته هي يونيورسٽي نوجوانن کي ڪيريئر جا اهم موقعا فراهم ڪري ٿي جيئن سماج جا تخليقي ذهن ڳولهي انهن کي تيار ڪريون جيڪي اڳتي هلي ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪن انٽري ٽيسٽ خال ڀرڻ ۽ ڊرائنگ جي ٻن مرحلن تي مشتمل هئي جن ۾ ٻنهي تي ترتيبوار 40 ۽ 60 سيڪڙو مارڪون رکيل هيون. داخلا ٽيسٽ اڱاري ۽ اربع تي به جاري رهندي جنهن دوران واري واري سان رهيل اميدوارن کي گهرايو ويندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو