105

سيبس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سال 24-2023ع جي داخلا ٽيسٽ ٻئي ڏينهن به جاري

ڄامشورو:(پ_ر) شھيد اللھ بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري ۾ سال24-2023ع جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ اداري ۾ ٻئي ڏينهن به جاري رهي جنهن ۾ وڌيڪ هڪ سئو اميدوارن کي گهرايو ويو. انٽري ٽيسٽ ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اميدوارن شرڪت ڪئي. فائن آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڪميونيڪيشن، ٽيڪسٽائل، پراڊڪٽ، انٽيريئر ۽ فيشن ڊزائن جي شعبن ۾ داخلا لاءِ مجموعي طور 187 سيٽون مختص ٿيل آهن جن ۾ ميرٽ، سيلف فنانس، يونيورسٽي سپورٽ پروگرام ۽ پرڏيهي شامل آهن. ٽيسٽ دوران سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، رجسٽرار محمد سليمان ڀٽو، ايڊميشن انچارج ذوالقرنين ڀٽو ۽ ٻين انتظامي عملدارن امتحاني بلاڪن جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو ان موقعي تي وائيس چانسلر اداري جي ملازمن ۽ امتحاني عملدارن کي ٽيسٽ جا انتظام پورا رکڻ ۽ اميدوارن کي سهولتون ڏيڻ جون هدايتون ڏنيون. انٽري ٽيسٽ خال ڀرڻ ۽ ڊرائنگ جي ٻن مرحلن تي مشتمل هئي جن ۾ ٻنهي تي ترتيبوار 40 ۽ 60 سيڪڙو مارڪون رکيل هيون. داخلا ٽيسٽ اربع تي به جاري رهندي جنهن دوران باقي رهيل اميدوارن کي گهرايو ويندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو