112

سيبس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سال 24-2023ع جي ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ داخلا ٽيسٽ پڄاڻي تي پهتي

ڄامشورو:(پ_ر) شھيد اللھ بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري ۾ سال24-2023ع جي داخلا لاءِ ٽن ڏينهن واري انٽري ٽيسٽ پڄاڻي تي پهتي. انٽري ٽيسٽ ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان 308 اميدوارن (272 ڇوڪريون ۽ 36 ڇوڪرا) شرڪت ڪئي. فائن آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڪميونيڪيشن، ٽيڪسٽائل، پراڊڪٽ، انٽيريئر ۽ فيشن ڊزائن شعبن ۾ داخلا لاءِ اميدوارن ٽيسٽ ڏني. ٽيسٽ جي آخري ڏينهن تي سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو ۽ انتظامي عملدارن امتحاني مرڪز جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو انٽري ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيو ته هيءَ يونيورسٽي مختلف ثقافتن سان واسطو رکندڙ شاگردن کي بهترين ماحول فراهم ڪري ٿي ته جيئن مختلف علائقن جي نوجوانن ۾ ثقافتي مٽا سٽا واري سوچ کي هٿي وٺرائي سگهجي. هن چيو ته سيبس يونيورسٽي عالمي سطح تي مختلف ادارن سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪيا آهن ته جيئن ڊگري وٺندڙ نوجوانن کي پنهنجو ڪم ٻاهرين دنيا تائين پهچائڻ ۾ آساني ٿي سگهي. وائيس چانسلر چيو ته يونيورسٽي جديد دور جي تقاضائن موجب تعليمي سهولتون ڏيڻ ۽ نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ طرف وڌي رهي آهي ته جيئن شاگردن کي مارڪيٽ تائين آسانيءَ سان رسائي حاصل ٿي سگهي داخلا ٽيسٽ خال ڀرڻ ۽ ڊرائنگ جي ٻن مرحلن تي مشتمل هئي جنهن جي رزلٽ جو اعلان 6 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو