103

مبارڪپور ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ عورت ۽ نوجوان قتل

مبارڪپور ڀرسان ڪريم بخش ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل جوابدار نوجوان ۽ عورت کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو تفصيل موجب رات دير سان ڳوٺ تاج محمد کوسو ۾ جوابدار حسين بخش جمالي ۽ بابو لاشاري ڪهاڙين جا وار ڪري نوجوان احسان لاشاري ۽ عورت حسينه لاشاري کي قتل ڪري ڇڏيو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيلن جا لاش ڪريم بخش کوسو ٿاڻي تي پيل آهن لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ٺل اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن جڏهن ته جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي پوليس موجب واقعو ڪارنهن سبب پيش آيو آهي جوابدار گهر خالي ڪري ويا آهن جاچ ڪريون پيا. وڌيڪ تفصيل جاچ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڏنا ويندا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو