84

ورلڊ ڪپ: بنگلاديش ڀارت خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 17هين ميچ ۾ بنگلاديش ڀارت خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي پوني ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش ٽيم جي ڪپتان نجم الحسن شنتو ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته شڪيب الحسن کي آرام ڪرايو ويو آهي ان جي جڳهه نسوم احمد کي شامل ڪيو ويو آهي ان موقعي تي ڀارتي ڪپتان روهيت شرما چيو ته ڪوشش هوندي ته ميچ ۾ ڪاميابي سميت کٽڻ جي سلسلي کي برقرار رکون ڀارتي ٽيم ۾ روهيت شرما، شبمن گل، ويرات ڪوهلي، شرياس اير، ڪي ايل راهو، باردڪ پانڊيا، رويندرا جڊيجا، شادول ٺاڪر، جسپريت بمراهه، ڪلديپ ياديو ۽ محمد سراج شامل آهن بنگلاديشي اسڪواڊ ۾ ڪپتان نجم الحسن شنتو، لنن داس، تنزيد حسن مهدي، حسن ميراز، مشفق الرحيم، توحيد برودني، محمود الله، نسيم احمد، حسن محمود، مستفيص الرحمان ۽ شرف الاسلام شامل آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو