ورلڊ ڪپ دنگل ۾ پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، شاداب خان جي جاءِ تي اسامه مير کي اليون جو حصو بڻايو ويو آهي پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون ورلڊ ڪپ ۾ ڏهه ڀيرا آمهون سامهون ٿيون، آسٽريليا ڇهه ۽ پاڪستان چار ميچز ۾ ڪاميابي ماڻي وائنٽس ٽيبل تي پاڪستان چوٿين ۽ آسٽريليا ڇهين نمبر تي موجود آهن پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ميچ لاءِ اسان سٺي ٽريننگ ڪئي آهي.
