87

ورلڊ ڪپ جو وڏو مقابلو: نيوزيلينڊ جي ڀارت خلاف بيٽنگ جاري، هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 18 رنسون ٺاهي ورتيون

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 جي اهم ميچ ۾ ڀارت نيوزيلينڊ خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي ٽيمون هن وقت تائين ناقابل شڪست رهيون آهن هڪ ڏينهن جي ڪرڪيٽ جي عالمي ايونٽ جي 21هين ميچ ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون ڀارتي رياست هيماچل پرديش جي ڌرم شالا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون آهن ڀارتي ٽيم کي پهرين ڪاميابي محمد سراج ڏياري، جنهن ٻُڙي تي ڊيوون ڪانوي کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته ان وقت نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو اسڪور 9 هو. ڪرڪيٽ جا شوقين پراميد آهن ته ميچ هڪ هفتو ٿيڻ جي بجاءِ دلچسپ ٿيندو، هڪ سٺو مقابلو ڏسڻ جي لاءِ ملندو ٽاس جي موقعي تي ڳالهيون ڪندي ڀارتي ڪپتان روهيت شرما چيو ته پليئنگ اليون ۾ 2 تبديليون ڪيون ويون آهن. گهٽ اسڪور تي آئوٽ ڪري حدف پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو