80

ورلڊ ڪپ ۾ واپسي لاءِ پاڪستان اڄ افغانستان سان مهاڏو اٽڪائيندو

آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجو پنجون ۽ اهم ترين ميچ افغاستان جي خلاف اڄ چنئي ۾ کيڏندو نئون مخالف، نئون ميدان، نئون امتحان ميگا ايونٽ ۾ واپسي جي لاءِ پاڪستاني ٽيم کي هاڻ ميچ ڪنهن به صورت ۾ کٽڻو آهي. اسپنرز جي لاءِ سازگار وڪيٽ تي افغان بالر راشد خان جو جادو هلندو يا شاهينن جو اٽيڪ ميچ بچائيندو حشمت الله گُرباز ۽ زاردان جي بيٽنگ کي روڪڻ جي لاءِ ڇا شاداب، نواز ۽ آغا بالنگ گهمائيندا. شوقينن کي اهم ترين ميچ جو بي صبري سان انتظار آهي. ميچ ڏينهن جو اڍائي وڳي شروع ٿيندو مخالف ٽيم جي اسپن اٽيڪ جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪپتان بابر اعظم سميت رضوان، امام ۽ قومي رانديگرن گذريل ڏينهن سخت پريڪٽس پڻ ڪئي. پاڪستاني ٽيم طرفان بنا ڪنهن تبديلي جي ميدان ۾ لهڻ جو امڪان آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو