82

ورلڊ ڪپ: آسٽريليا نيوزيلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 389 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو

آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي 27هين ميچ ۾ آسٽريليا نيوزيلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 389 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو آهي آسٽريليا طرفان ڊيوڊ وارنر ۽ ٽريوس هيڊ اننگ جي شروعات ڪئي ۽ تيز رفتاري سان رنسون ٺاهيون. ٻنهي اوپنرز وچ ۾ 175 رنسن جي پارٽنر شپ قائم ٿي جنهن کان پوءِ پهرين وڪيٽ 19.1 اوورز ۾ ڪري جڏهن ڊيوڊ وارنر 65 بالن تي 81 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو آسٽريليا جي ٻئي وڪيٽ 23.2 اوورز ۾ 200 رنسن تي ڪري ٽريوس هيڊ 64 نالن تي 109 رنسن جي شاندار اننگر کيڏي پويلين موٽيو هن ميچ ۾ 7 ڇڪا ۽ 10 چوڪا لڳايا ٻنهي اوپنرز طرفان سٺي شروعات ڏيڻ ۽ آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ ٻيا رانديگر اهو تسلسل قائم نه رکي سگهيا آسٽريليا کي ٽيون نقصان 29.4 اوورز ۾ 228 رنسن تي کڻڻو پيو جڏهن چوٿين وڪيٽ 36.3 اوورز ۾ 264 رنسن تي ڪري پئي اسٽيو اسمٿ 18 ۽ مچل مارشل 36 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. آسٽريليا جي پنجين وڪيٽ 274 رنسن تي جڏهن ته ڇهين وڪيٽ 325 ۽ ستين وڪيٽ 387 رنسن تي ڪري آسٽريلوي ٽيم جا هيٺين نمبر تي ايندڙ رانديگر وڌيڪ رنسون نه ٺاهي سگهيا ۽ سموري ٽيم 49.2 اوورز ۾ 388 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. نيوزيلينڊ طرفان ٽرينٽ بولٽ ۽ گلين فلپس 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو