80

ورلڊ ڪپ: ڀارت جي انگلينڊ خلاف بيٽنگ جاري، ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 27 رنسون ٺاهي ورتيون

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 29هين ميچ ۾ ڀارت جي انگلينڊ خلاف بيٽنگ جاري آهي لکهنو بريسبو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر ٽاس کٽي پهريان ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ڀارت طرفان روهيت شرما ۽ شبمن گل اننگز جي شروعات ڪئي ٽاس کان پوءِ انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر چيو ته گذريل ميچ کيڏندڙ ٽيم کي ئي اڄ برقرار رکيو ويو آهي. ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهيت شرما ان موقعي تي چيو ته وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سٺي نظر اچي رهي آهي. اسان به ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪريون ها. اڄوڪي ميچ لاءِ ساڳئي ٽيم کي برقرار رکيو ويو آهي جنهن گذريل ميچ کيڏيو هئو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو