74

ورلڊ ڪپ: افغانستان جو سريلنڪا خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو

ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 جي 30هين ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي سرلينڪا کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني آهي مهاراشٽرا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ افغان ٽيم جي قيادت حشمت الله شاهدي ڪري رهيو آهي جڏهن ته آءِ لينڊز جي ڪمان ڪوشال ميڊس جي هٿن ۾ آهي سريلنڪا جي ٽيم ميگا ايونٽ ۾ 5 ميچز کيڏي 2 ۾ ڪامياب ۽ 3 ۾ ناڪام ٿي آهي. ٻئي طرف افغانستان به هن ميگا ايونٽ ۾ هينئر تائين 5 ميچز کيڏيا آهن جن مان 2 ۾ سوڀ حاصل ٿي آهي جڏهن ته 3 ۾ کيس شڪست کي منهن ڏيڻو پيو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو