78

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ: نيوزيلينڊ پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 402 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو

ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي 35هين ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي ميچ کٽڻ جي لاءِ 402 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو آهي ڀارتي جي شهر بينگلور جي ايم چنا سوامي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري ميچ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو نيوزيلينڊ جي پهرين وڪيٽ 68 رنسن تي ڪري جڏهن اوپنر ڊيوڊ ڪانووي 39 بالن تي 35 رنسون ٺاهي حسن علي جي بال تي محمد رضوان کي ڪيچ ڏئي آئوٽ ٿي ويو. نيوزيلينڊ جو ڪپتان ڪين وليمسن بهترين راند جي شروعات ڪئي جنهن کان پوءِ نيوزيلينڊ 29 اوورز ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 200 رنسون مڪمل ڪيون جنهن کان پوءِ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن 79 بالن تي 95 رنسون ٺاهي افتخار احمد جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو نيوزيلينڊ جي ٽئين وڪيٽ 261 رنسن تي ڪري، نيوزيلينڊ جو رانديگر رچن رويندار 94 بالن تي 108 رنسون ٺاهي وسيم جونيئر جي بال تي آئوٽ ٿي ويو نيوزيلينڊ جي چوٿين وڪيٽ 318 رنسن تي ڪري جڏهن ڊيرل مچل 18 بالن تي 29 رنسون ٺاهي حارث رئوف جي بال تي آئوٽ ٿيو. نيوزيلينڊ جي پنجين وڪيٽ 345 رنسن جي اسڪور تي ڪري جڏهن مارڪ چيچمين 27 بالن تي 39 رنسون ٺاهي وسيم جونيئر جي بال تي آئوٽ ٿي ويو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو