ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 35هين ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي پاڪستان جي خلاف بيٽنگ جاري آهي ڀارتي شهر بينگلور جي ايم چنا سوامي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي هن وقت نيوزيلينڊ 38 اوورز ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 279 رنسون ٺاهي ورتيون آهن جڏهن ته سندس 3 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا آهن نيوزيلينڊ جي اوپنر ڊيوز ڪانوي کي حسن علي 35 رنسن تي آئوٽ ڪيو جڏهن ته افتخار احمد ڪپتان ڪين وليمسن کي 95 رنسن تي پويلين موٽائي ڇڏيو ان کان علاوه سينچري اسڪور ڪندڙ اوپنر رچن رويندار کي وسيم جونيئر آئوٽ ڪيو.
