پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جي باوجود ملڪ جي سمورن وڏن شهرن ۾ عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ لاٿ نه اچي سگهي آهي لاهور ۾ مهانگائي جي لهر جا اثر آچر بازار تائين پهچي ويا آهن. آچر بازار ۾ ادرڪ 600، بصر 120، پٽاٽا 120 ۽ ٽماٽا 200 روپيه، ڀينڊي 130 ۽ گوبي 150 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن آچر بازار خريداري جي لاءِ ايندڙن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت گهٽ ٿي آهي پر اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگائي ۾ لاٿ نه اچي سگهي آهي آچر بازار ۾ فروٽ جا ريٽ به گهٽ نه ٿي سگهيا صوف 250 روپيه ڪلو مليو ته ڏاڙهون 250 روپيه ڪلو ۽ انگور 200 کان 350 روپيه ڪلو ۾ ملي رهيا هئا. جيڪڏهن ڪنهن فروٽ جو معيار صحيح نه هو ته ان جي قيمت ۾ به اوپن مارڪيٽ جي مقابلي ۾ ڪلو 20 کان 30 روپيه ڪلو گهٽ ضرور هئي ان حوالي سان ڊي سي، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پرائيس ڪنٽرول مئجسٽريٽ وڌيڪ قيمتون وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن هنن چيو ته اسان ڪنهن به قيمت تي مهانگيون شيون وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين.
