تفصيل موجب پنجاب جي نگران ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پنجاب حڪومت صوبي ۾ سموگ سبب خراب صورتحال کي نظر ۾ رکندي خميس کان آچر تائين موڪلن جو فيصلو ڪيو. اسڪول ۽ ادارا بند رهندا، اسڪول، ڪاليج، آفيسون، ريسٽورنٽ ۽ مارڪيٽون به بند رهنديون، پنجاب جو وڏو وزير ڪجهه دير ۾ حڪومتي پاليسي جو اعلان ڪندو، ياد رهي ته لاهور ۾ فضائي آلودگي اڃا به برقرار آهي پر ان ۾ گهٽتائي کانپوءِ هوا جي آلودگي جي شرح ۾ هوا جي معيار جو انڊيڪس 400 آهي، شهر جو سراسري هوا جي معيار جو انڊيڪس 313 AQI رڪارڊ ڪيو ويو، فضائي آلودگي ۾ گهٽتائي کانپوءِ لاهور هاڻي دنيا جي آلودگي وارن شهرن ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي، ماهرن هدايتون جاري ڪيون آهن. شهرين کي ماسڪ پائڻ لاءِ..
89