93

اميدون وڌي ويون: پاڪستاني ٽيم هاڻ ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ڪيئن پهچي سگهي ٿي؟

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا جي افغانستان خلاف فتح نه صرف ان کي سيمي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو پر آسٽريليا جي ٽيم پاڪستان جي لاءِ به رستو سڌو ڪري ڇڏيو آهي هينئر تائين ڀارت، آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا سيمي فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي جڏهن ته پاڪستان کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي لاءِ هاڻ وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوندو ممبئي جي وانکهيڊي اسٽيڊيم ۾ گلين ميڪسويل جي اننگز افغانستان جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. پوائنٽس ٽيبل تي نظر وجهون ته هينئر تائين ڀارت، ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا لاسٽ فور ۾ جڳهه ٺاهي چڪيون آهن جڏهن ته چوٿين ٽيم جي لاءِ نيوزيلينڊ، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ مقابلو آهي افغانستان جو آخري ميچ ڏکڻ آفريقا سان آهي، پر رن ريٽ ۾ هو پاڪستان کان پوئتي آهي، يعني هاڻ افغانستان کي پنهنجو آخري ميچ وڏي مارجن کان کٽڻو پوندو پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو دارومدار نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ميچ تي آهي جيڪڏهن انهي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي شڪست ملي يا ميچ برسات سبب نه ٿي سگهيو ته پاڪستاني ٽيم کي انگلينڊ کي صرف شڪست ڏيڻي پوندي ڇو ته ان وقت تائين افغانستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ميچ جو فيصلو ٿي چڪو هوندو جيڪڏهن نيوزيلينڊ پنهنجو آخري ميچ کٽي ٿي ته پاڪستان کي آخري ميچ انگلينڊ جي خلاف وڏي رن ريٽ سان کٽڻو پوندو. جيڪڏهن نيوزيلينڊ سريلنڪا کي 50 رنسن تان شڪست ڏني ته پاڪستان کي انگلينڊ کي 180 رنسن تان شڪست ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن نيوزيلينڊ سريلنڪا کي هڪ رنس تان شڪست ڏني ته پاڪستان کي انگلينڊ کي 131 رنسن تان شڪست ڏيڻي پوندي نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ميچ ۾ جيڪڏهن سريلنڪا نيوزيلينڊ کي شڪست ڏني ته پاڪستان کي صرف انگلينڊ کي شڪست ڏيڻي پوندي ۽ هو سيمي فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وٺندو. پر جيڪڏهن ميچ برسات جي ڪري ختم ٿي ٿو وڃي ته پاڪستان کي ڪواليفاءِ ڪرڻ جي لاءِ صرف انگلينڊ کي شڪست ڏيڻي پوندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو