83

ورلڊ ڪپ: افغانستان ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پروٽيز ۽ افغان واريئرز اڄ ڀارت جي شهر احمد آباد ۾ آمهون سامهون ٿي رهيا آهن، جتي افغانستان ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي ٽاس جي موقعي تي ڳالهائيندي افغانستان جي ڪپتان حشمت الله شاهدي چيو ته افغان ٽيم ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي وئي آهي، گذريل ميچ کي وساري اڄ بهترين پرفارمنس ڏني آهي ٻئي طرف ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان تومباواما چيو آهي ته اڄ ٽاس کٽڻ باوجود هدف جو تعاقب ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي، ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن، مارڪ وينسن ۽ تبريز شمسي جي جاءِ تي ٽيم ۾ گيرالڊ ڪوئٽزي ۽ فِڪ لکويو کي شامل ڪيو ويو آهي ٻئي ٽيمون ون ڊي فارميٽ ۾ رڳو هڪ ڀيرو آمهون سامهون ٿي چڪيون آهن، جنهن ۾ ڏکڻ آفريڪا ڪاميابي ماڻي هئي پر هاڻي ڏکڻ آفريڪي ٽيم آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي، پروٽيز 12 پوائنٽن سان ٽيبل تي موجود آهي. ٻئي نمبر تي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو