87

ڊالر جي اوچي اڏام جاري، هلندڙ هفتي ڪيترو مهانگو ٿيو؟

هلندڙ هفتي پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه وڌندو رهيو ۽ ڊالر 288 رپين جي سطح تي پهچي ويو آمريڪي ڊالر ۽ ٻين ڪرنسين جي حوالي سان هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ هفتي رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر ۽ ٻيون ڪرنسيون مهانگيون ٿيون هڪ هفتي ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 2 رپيا 72 پئسا مهانگو ٿيو ۽ ڊالر 284 رپين 31 پئسن مان وڌي 287 رپين 3 پئسن تي بند ٿيوھڪ هفتي ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 رپيا مهانگو ٿي 285 رپين مان 288 رپين ۾ وڪرو ٿيو ڊالر ۾ واڌ سان گڏ يورو، پائونڊ، سعودي، درهم به مهانگو ٿيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو