لاهور: پنجاب جي خوراڪ کاتي ڪڻڪ ۽ اٽي جو اگهه مقرر ڪري ڇڏيو ڏهه ڪلو اٽي جو ايڪس مل ريٽ هڪ هزار 374 رپيا، جڏهن ته 10 ڪلو اٽي جو عام دڪانن تي ريٽ هڪ هزار 399 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي ڪڻڪ جو في مڻ ريٽ 4700 رپيا مقرر ڪيو ويو آهيپنجاب جي خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري ڪڻڪ ۽ اٽي جي اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ڪابينه ڪميٽي جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
