107

آسٽريليا پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي 360 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

پرٿ ۾ ٿيندڙ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٿيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 360 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن ٻئي سيشن ۾ آسٽريليا پنهنجي ٻئي اننگز 233 رنسون 5 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي ڊڪليئر ڪئي. جواب ۾ قومي ٽيم 89 رنسون ئي ٺاهي سگهي ۽ سموري ٽيم آئوٽ ٿي وئي ٻئي اننگز جي شروعات تي ئي اوپنر عبدالله شفيق ۽ ڪپتان شان مسعود 2-2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. پاڪستان کي ٽيون نقصان امام الحق جي صورت ۾ برداشت ڪرڻو پيو جنهن 10 رنسون اسڪور ڪيون. بابر اعظم 14، سرفراز احمد 4، آغا سلمان ۽ فهيم اشرف 5-5 عامر جمال 4 ۽ خرم شهزاد ٻُڙي تي آئوٽ ٿيا آسٽريليا طرفان هن ٽيسٽ ميچ ۾ مچل اسٽارڪ ۽ نيٿن لائن 5-5 جوش بيزل ووٽ 4، پيٽ ڪيمنز 3، مچل مارش ۽ ٽريوس بيڊ هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي ڏينهن جي شروعات تي آسٽريلوي بيٽر اسٽيون اسمٿ 43 ۽ عثمان خواجه 34 رنسن سان ٻيهر کيڏڻ شروع ڪيو ته ڪجهه ئي دير ۾ فاسٽ بالر خرم شهزاد 87 رنسن تي پاڪستان جي لاءِ ٽئين وڪيٽ حاصل ڪئي. خرم شهزاد 45 رنسن تي اسٽيون اسمٿ کي ايل بي ڊبليو آئوٽ ڪيو آسٽريليا جي چوٿين وڪيٽ 107 رنسن تي ڪري جڏهن ته ٽريوس بيڊ 14 رنسون ٺاهي عامر جمال جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيا. عثمان خواجه 90 رنسن تي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جي بال تي آئوٽ ٿيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو