110

نئين سال جي شروعات تي پيٽرول جي قيمت ۾ لاٿ جو امڪان

نئين سال جي شروعات تي ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ميڊيا رپورٽن موجب پهرين جنوري کان پيٽرول جي قيمت ۾ ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ لاٿ ڪري سگهجي ٿي جنهن ۾ پيٽرول هڪ روپيو 72 پئسا سستو ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ به تقريبن هڪ روپيو في ليٽر لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ناڻي واري وزارت اوگرا جي تجويز ڪيل سمري تي نگران وزيراعظم سان مشاورت کان پوءِ فيصلو ڪندي. ياد رهي ته پاڪستاني عوام سال 2023 ۾ ملڪي تاريخ جو سڀني کان وڌيڪ مهانگو پيٽرول ۽ ڊيزل خريد ڪرڻ تي مجبور هئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو