اڄ سال 2023ع جو آخري ڏينهن آهي، هي سال ڪيتريون ئي يادون ڏئي ختم ٿي رهيو آهي، خاص ڪري هي شوبز سان تعلق رکندڙ اهڙن شخصيتن لاءِ خراب ثابت ٿيو جن پنهنجي شادي شده زندگي کي طلاق تي ختم ڪيو ته اتي وري ڪيترن ئي اداڪارن ۽ اداڪارائن سال 2023ع ۾ شاديون ڪري پنهنجي نئين زندگي جي شروعات ڪئي اڄ رات 12 وڳي سال 2023ع کي الوداع چئي نئين سال 2024ع جي شروعات ڪري ان جو جشن ملهايو ويندو، اسان هڪ نظر ڦيرايون ٿا شوبز جي دنيا جي انهن مشهور شخصتين تي جن سال 2023ع دوران شاديون ڪيون سڀ کان پهرين ذڪر ڪريون ٿا پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ نوجوان اداڪاره حرا خان جو جنهن سال 2023ع ۾ 13 فيبروري تي اداڪار ارسلان خان سان پيار جو پرڻو ڪيو، هي شادي سوشل ميڊيا جي زينت پڻ بڻيل رهي مشهور اداڪاره اُشنا شاهه به سال 2023ع جي فيبروي مهيني جي 26 تاريخ تي پنهنجي دوست ۽ گالفر حمزه امين سان شادي ڪئي جنهن ڀارتي انداز ۾ لينگو پائي پنهنجي ئي شادي ۾ رقص ڪيو ته سندس مٿان تنقيد جا تير ڪيرايا ويا ڳالهه ڪجي پاڪستان جي مشهور اداڪاره ڪومل رضوي جي جنهن 21 اپريل 2023ع تي آمريڪا ۾ رهندڙ ڊالر ڪمپني جي سي اِي او علي اُپل سان ٻي شادي ڪري پنهنجي نئين زندگي جي شروعات ڪئي، ياد رهي ته ڪومل رضوي 2019ع ۾ پنهنجي پهرين مڙس کان طلاق ورتي هئي اهڙي ريت مشهور اداڪاره مديحه امام به هلندڙ سال ئي ڀارتي فلم ميڪر ۽ پرڊيوسر موجي بسر سان سادگي سان نڪاح ڪيو ۽ بعد ۾ سندن وليمو 2023 جي آڪٽوبر مهيني ۾ ٿيو هو ٻئي طرف مشهور هدايتڪار شمعون عباسي ۽ اداڪاره جويريه عباسي جي نياڻي اداڪاره عنزيله عباسي به اگسٽ 2023 ۾ شادي ڪئي جنهن کي پڻ لباس جي بنياد تي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ مقبوليت ماڻيندڙ خوبصورت اداڪاره ماهره خان به 2 آڪٽوبر 2023ع تي پنهنجي ويجهي دوست سليم ڪريم سان ٻي شادي ڪئي، ان کان اڳ ماهره خان 2007 ۾ علي عسڪري سان پهرين شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ پُٽ جو اولاد آهي جنهن جو نالو اذلان آهي ياد رهي ته ماهره خان جي شادي 2007 ۾ ٿي هئي جيڪا 8 سالن تائين برقرار رهي ۽ 2015 تي سندس طلاق ٿي وئي ماڊل ۽ اداڪاره ڪرن اشفاق به هلندڙ سال جي 4 ڊسمبر تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي فوڪل پرسن ۽ سياسي صلاحڪار حمزه علي چوڌري سان ٻي شادي ڪئي ان کان ڪرن اشفاق 2018 ۾ پاڪستان جي مشهور اداڪار عمران اشرف سان شادي ڪئي هئي جنهن کيس هڪ پُٽ پڻ آهي سال 2021 ۾ اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکندڙ اداڪاره ايمن سليم به هلندڙ سال جي 22 ڊسمبر تي ڪامران ملڪ نالي شخص سان نڪاح ڪيو جڏهن ته ثنا نادر شاهه به ڊسمبر 2023 ۾ نڪاح ڪيو جنهن جي رخصتي ٻه ڏينهن اڳ ٿي هئي اهڙي ريت ڪيترن ئي اداڪارن ۽ اداڪارائن شاديون ڪيو ۽ طلاقون ورتيون، اميد آهي ته نئون سال نيون شاديون ڪندڙ اداڪارن ۽ اداڪارئن لاءِ خوشيون ۽ هميشه گڏ گذارڻ جو ڪرڻو ثابت ٿيندو.
