98

2023 ۾ ڪيترن ئي انٽرنيشنل رانديگرن ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو

2023 ۾ ڪيترن ئي انٽرنيشنل رانديگرن ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو جڏهن ته پاڪستان جي 2 رانديگرن به اوچتو ڪرڪيٽ ڇڏي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو 2023 ڪيترن ئي رانديگرن جي ڪيريئر جو آخري سال رهيو. پاڪستاني آل رائونڊر عماد وسيم 24 نومبر 2023 تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان اوچتو ۽ حيران ڪندڙ طور تي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو. رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي هن چيو ته منهنجون نظرون انٽرنيشنل اسٽيج کان هٽي ڪري پنهنجي ڪيريئر جي ٻئي مرحلي تي ڌيان ڏيڻ تي لڳل آهن. عماد وسيم جي ڪيريئر جي شروعات 2008 ۾ ٿي هئي هن 55 ون ڊي ۽ 66 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي مڊل آرڊر رانديگر اسد شفيق به 2023 ۾ ئي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو پاڪستان طرفان 77 ٽيسٽ، 60 ون ڊي ۽ 10 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي چڪو آهي. 37 ورهين جي اسد شفيق 2012 جي ڏهاڪي ۾ ان وقت جي پاڪستاني ڪپتان مصباح الحق جي ٽيسٽ سائيڊ جو اهم مڊل آرڊر رانديگر هو. هن آگسٽ 2016 ۾ پاڪستاني ٽيم جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي اچڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو نومبر 2023 ۾ ڏکڻ آفريقا جي اوپنر وڪيٽ ڪيپر ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ هينئر تائين 140 ميچز ۾ 4.85 جي حوالي سان 5966 رنسون اسڪور ڪيون آهن. سندس ون ڊي ڪيريئر ۾ 17 سينچريون به شامل آهن. بحيثيت وڪيٽ ڪيپر ڊي ڪوڪ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 183 ڪيچز پڪڙيا جڏهن ته 14 اسٽمپ به ڪيا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو