بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل سان اداڪار جنيد خان جي نئين سال جي پارٽي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. اداڪار جنيد خان نيويارڪ ۾ نئين سال جي پارٽي جي وڊيو پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شيئر ڪئي. وڊيو ۾ کيس بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل سان اسٽيج تي ڊانس ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ٻنهي پارٽي ۾ پرفارم ڪيو جنيد خان پارٽي ۾ موجود ماڻهن سان سيلفي پڻ ورتي. جنيد خان جي اميشا پاٽيل سان گڏ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ڪجهه سوشل ميڊيا صارفين جنيد خان کي ڀارتي اداڪارا سان گڏ ڊانس ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته ٻين جنيد خان ۽ اميشا پٽيل جي پاڪستاني فنڪارن جي مثبت رويي کي ساراهيو.
