74

ايل پي جي مافيا بي لغام: قيمتن ۾ هٿ ٺوڪيو اضافو ڪري ڇڏيو

ايل پي جي مافيا بي لغام بڻجڻ کان پوءِ قيمتن ۾ 40 کان 60 روپيه في ڪلو گرام جي حساب سان هٿ ٺوڪيو اضافو ڪري ڇڏيو آهي اوگرا ايل پي جي جو اگهه 256 روپيه مقرر ڪيو هو پر مارڪيٽ ۾ في ڪلو ايل پي جي 310 روپين کان وٺي 320 روپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي گهريلو سلينڊر 3 هزار 26 روپين جي بجاءِ 3550 روپين کان وٺي 3570 روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو. ڊيلرز جو چوڻ آهي ته اسان کي مهانگي ايل پي جي ملندي ته سستي ڪيئن وڪرو ڪنداسين ٻئي طرف گيس صارفين ايل پي جي قيمت ۾ هٿرادو واڌ کي ناجائز قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو سڀ ڪجهه اوگرا ۽ سرڪاري ادارن جي ملي ڀڳت سان ٿي رهيو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو