88

ٺڪراٺي جي دڪان تان مبينا پتي جا ڪارٽون چوري ڪندي 2 نينگرن کي شھرين ھٿيڪو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ٺڪراٺو ۾ ربڏنو مھتم جي ڪريانا دڪان تان مبينا پتي جا ڪارٽون چوري ڪري فرار ٿيندڙ ٻن نينگرن کي دڪاندارن پيڇو ڪري پڪڙي پوليس حوالي ڪيو دڪاندار ربڏنو مھتم رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته موٽرسائيڪل سوار ٻه نينگر دڪان ٻاھران پيل ڊان چانھ جي پتي جا ڪارٽون چوري ڪري فرار ٿي ويا جن جو پيڇو ڪري کين پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ۽ چوري ڪيل ڪارٽون واپس ڪرايا شھر جي دڪاندارن ٻڌايو ته اسانجو مختلف وقتن تي دڪان ٻاھران پيل سامان چوري ٿيندو آھي ٻي پاسي پڪڙيل نينگرن پنھنجي سڃاڻپ غلام علي ۽ واجد گڏاڻي خانپور مھر جي علائقي جا ٻڌائي رھيا ھئا ۽ سندن چوڻ ھو ته اسان چوري ناھي ڪئي ھوڏانھن مبارڪپور پوليس رابطي تي ٻڌايو ته پڪڙيل نينگر جا وارث اچن پيا ۽ پوليس تحويل ۾ آيل نينگر چوري کان لاتعلقي ظاھر ٿا ڪن وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو