107

عام چونڊن جي موقعي تي تعليمي ادارن ۾ 8 ڏينهن موڪلون ٿينديون

سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن جي موقعي تي تعليمي ادارن ۾ 8 ڏينهن موڪلون ڪيون وينديون ذريعن موجب سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن جي لاءِ 8 فيبروري 2024 تي پولنگ ٿيندي ۽ ان موقعي تي تعليمي ادارا 8 ڏينهن جي لاءِ بند رهندا 4 فيبروري تي آچر، 5 فيبروري تي ڪشمير ڊي جڏهن ته 6 کان 10 فيبروري تائين عام چونڊن جون موڪلون ڪيون وينديون 11 فيبروري تي آچر هوندو. اهڙي طرح 8 موڪلن کان پوءِ 12 فيبروري تي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کوليون وينديون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو