پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور فنڪارن عوام کان 7 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. سڄي ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ووٽ ڏيڻ لاءِ مختلف پارٽين جي اميدوارن طرفان تياريون زور شور سان جاري آهن. ڪيترن ئي هنڌن تي سياسي پارٽين جا جهنڊا ۽ پوسٽر به لڳايا ويا آهن 8 فيبروري تي ووٽ ڏئي عوام ايندڙ پنجن سالن جي لاءِ ملڪ جو نئون وزيراعظم چونڊ ڪندا ان سلسلي ۾ پاڪستاني شوبز شخصيتن سوشل ميڊيا ذريعي عوام کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي ان حوالي سان شوبز جي فنڪار عدنان صديقي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته 8 فيبروري اهم ڏينهن آهي اوهان کي گذارش آهي ته لازمي ووٽ ڏئي پنهنجو حق استعمال ڪريو گلوڪار ۽ اداڪار فرحان سعيد سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته پاڪستانيو ٻاهر اچو ۽ 8 فيبروري تي ووٽ ڏيو جيڪڏهن اوهان صحيح ماڻهو کي ملڪ جو اڳواڻ ڏسڻ چاهيو ٿا ته ووٽ ڏيواداڪاره مايا علي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ عوام کي اپيل ڪندي چيو ته اوهان پنهنجي ووٽ جو دانشمندي سان استعمال ڪريو ڇو ته اهو وقت پنهنجي مستقبل کي بچائڻ ۽ پنهنجي حال کي بهتر بنائڻ جو آهي اداڪاره حنا خواجه انسٽاگرام تي ووٽ ڏيڻ جي طريقي جون ڪجهه وڊيوز پوسٽ ڪندي عوام کان 8 فيبروري تي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي هن چيو ته عوام پنهنجي پسنديده اميدوار کي چونڊ ڪري هن ملڪ جي مستقبل جو فيصلو ڪري.
