سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 40 منٽن جي دير سان اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن جي باضابطه شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن بعد نعت رسول مقبولﷺ پيش ڪئي وئي آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو، حلف کڻڻ وارن ۾ سنڌ جو نامزد وڏو وزير مراد علي شاهه، فريال ٽالپر، شرجيل ميمڻ، ناصر حسين شاهه ۽ ٻيا شامل هئا. سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن اردو، انگريزي ۽ سنڌي ۾ حلف کنيو سنڌ اسيمبلي جي 168 ميمبرن مان 114 جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي جڏهن ته 36 جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آهي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندڙ 9 ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته جي ڊي اي ۽ جماعت اسلامي جا ميمبر اڄوڪي تقريب ۾ شرڪت نه ڪندا ٻئي طرف جي ڊي اي، جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف تي مشتمل اپوزيشن اتحاد سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ جي گهرو کاتي ڪراچي ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
