194

پي ايس ايل ڇڏي ڀارتي ارب پتي واپاري مڪيش امباني جي پٽ جي شادي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ڪيرون پولارڊ تنقيد جو نشانو بڻجي ويو

ڄام نگر:پي ايس ايل ڇڏي ڀارتي ارب پتي واپاري مڪيش امباني جي پٽ جي شادي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ڪيرون پولارڊ تنقيد جو نشانو بڻجي ويو،سوشل ميڊيا صارفين پي ايس ايل جي ٽيم ڪراچي ڪنگز جي رانديگر ڪيرون پولارڊ کي اننت امباني جي شادي ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ پي ايس ايل ڇڏڻ تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، هڪ سوشل ميڊيا صارف سوال ڪيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪابه اهڙي شادي ٿي رهي هجي ها ته ڇا ڪو رانديگر انڊين پريمئر ليگ ڇڏي اچي ها؟ هڪ ڀارتي صارف تنقيد ڪندي چيو ته پولارڊ پي ايس ايل ڇڏي شادي ۾ شرڪت لاءِ ڀارت پهچي ويو، پي ايس ايل جي ڪابه عزت نه آهي ،ڪيرون پولارڊ تقريب ۾ شريڪ شاهه رخ خان سان گڏ پنهنجون تصويرون به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون ۽ تقريب کي يادگار قرار ڏنو. ڪجهه سوشل ميڊيا صارفين پولارڊ ۽ آءِ پي ايل جي ٽيم ممبئي انڊين ۽ امباني خاندان سان انهن جي ويجهن لاڳاپن جي ڳالهه ڪئي. ممبئي انڊين امباني خاندان جي ملڪيت آهي ۽ پولارڊ 2010 ۾ انهي ٽيم جو حصو به رهيو. ياد رهي ته پولارڊ گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڪراچي ڪنگز ۽ ملتان سلطان جي وچ ۾ شامل نه هو، جنهن ۾ ڪراچي ڪنگز کي ملتان جي هٿان اهم ميچ ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو،

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو