202

ڪنڌڪوٽ لڳ رات جو ديرسان ڳوٺ بچل سھرياڻي جا ٽي رھواسي پي پٽ سميت اغوا وارثن جو انڊس ھاء وي بند ڪري ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ لڳ رات جو ديرسان ڳوٺ بچل سھرياڻي جا ٽي رھواسي پي پٽ سميت اغوا وارثن جو انڊس ھاء وي بند ڪري ڌرڻو ٻن طرفن کان گاڏيون بيھجي ويون ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد بچل سھرياڻي جا 3 رهواسي پي پٽ سميت 3 ڄڻا هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويا اغوا ٿي ويلن ۾ پي پٽ ۽ ڀائٽيو علي بهار سھرياڻي ،ذيشان سهرياڻي ۽ شمن سهرياڻي شامل آهن سهرياڻي برادري پاران پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ٻئي طرف اغوا ٿي ويل سھرياڻي برادري جي پي پٽ ڀائيٽو جي بازيابي لاء ڪنڌڪوٽ شڪارپور انڊس ھاء وي بند ڪري ڇڏيو ٽائيرن کي باھيون ڏنيون ڌرڻي دوران سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون مسافر سخت مشڪلاتن جو شڪار رھيا

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو