125

رمضان ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ جو شيڊول جاري

ڪراچي: سوئي سدرن گيس ڪمپني چيو آهي ته سحري ۽ افطاري ۾ گيس جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي،سوئي سدرن گيس جي ترجمان چيو آهي ته سوئي سدرن گيس رمضان مهيني دورا پنهنجن سڀني صارفين جي سهولت لاءِ سحري ۽ افطاري جي تياري جي وقتن ۾ گيس جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو،ترجمان موجب هر سال گيس جي ملڪي ذخيرن ۾ ٿيندڙ 8 کان 10 سيڪڙو گھٽتائي سبب سوئي سدرن گيس جي سسٽم ۾ گيس جي گھرج ۽ پهچ ۾ به واضح گھٽتائي موجود آهي، ان ڪري گيس جي پريشر کي يقيني بڻائڻ لاءِ گيس پريشر جي پروفائلنگ کي جاري رکيو ويندو،رمضا المبارڪ ۾ گيس صبح جو 9 وڳي کان مجهند جو 3 وڳي تائين نه هوندو، جڏهن ته رات جو 3 وڳي تائين به گيس جي لوڊشيڊنگ هوندي،سحري لاءِ رات جو 3 وڳي کان صبح جو 9 وڳي تائين گيس دستياب هوندي ۽ افطار لاءِ منجهند جو 3 کان رات جو 10 وڳي تائين گيس جي فراهمي جاري رهندي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو