پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان دوري جي سلسلي ۾ ٽريننگ ۽ فٽنيس ڪيمپ لاءِ رانديگرن جي چونڊ جي حوالي سان پي سي بي اختيارين سان تفصيلي مشاورت ڪئي آهي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هيڊ آفيس ۾ ڪيمپ لاءِ رانديگرن جي نالن تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ محسن نقوي رانديگرن جي چونڊ ميرٽ ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪرڻ جي هدايت ڪئي چيف سليڪٽر وهاب رياض چيئرمين کي پي ايس ايل 9 ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بيٽسمينن ۽ بالرز بابت رپورٽ پيش ڪئي محسن نقوي چيو ته پي ايس ايل 9 ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي ڪيمپ ۾ شامل ڪيو وڃي، ڪيمپ لاءِ رانديگرن جي چونڊ ۾ منهنجي سفارش کي قبول نه ڪيو وڃي هن چيو ته ميرٽ ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊيل رانديگر سٺا نتيجا ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
